اِلهو ٻلهو راند

اِلهو ٻلهو راند: هيءَ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ کيڏي ويندڙ ٻاراڻي راند آهي، جيڪا ڇهه ٻار کيڏي سگهن ٿا. هن راند رچائڻ لاءِ هڪ وڏو گول دائرو ڪڍبو آهي، جنهن جو قطر پنج فوٽ کن ٿيندو آهي. هن راند ۾ اکر ڀوري ذريعي فيصلو ڪبو آهي ته پهريان ڪهڙي ٽيم راند جو وارو وٺي. ڪڏهن ڪڏهن سڪل ٺڪري کڻي ان جي هڪ پاسي هڪ ڇوڪرو ٿُڪ اڇلائيندو، پوءِ هڪ رانديگر واريندو سُڪي ۽ ٻيو دريا (ٿڪ وارو پاسو) پوءِ ٺڪريءَ کي آسمان ڏانهن مٿي اڇلائيندو، جنهن جو واريل پاسو مٿان ٿيو، اهو پهريان وارو وٺندو. فيصلي ٿيڻ بعد ٽيم جو هڪ رانديگر گول ۾ بيهي، پير، مٺ، چپو، ڏوڏو، اک يا ٺونٺ هلندو ۽ آڳ ڏيندڙ ٽيم جا رانديگر پکڙيل هوندا، جيڪي ڏڪي جهٽڻ جي ڪوشش ڪندا، جيڪڏهن ڏڪي جهٽجي پئي ته رانديگر کاتو، ورنه آڳ ڏيندڙن مان هڪ رانديگر ڏڪي گول دائري ۾ اڇلائيندو، جنهن ۾ اندر ڏڪي پيل هوندي ۽ جيڪڏهن ڏڪي گول ۾ پئي ته رانديگر آئوٽ، نه ته رانديگر الهو ٻلهو هلندو. الهو ٻلهو هلڻ جو طريقو ’اڇا‘ وانگر آهي، يعني کاٻي هٿ جي آڱرين ۾ ڏڪيءَ جي هڪ چهنب جهلي سڄي هٿ ۾ جهليل ڏڪر سان هڪ پير هيٺان کان آهستي هڻندا ته جيئن ڏڪي ٿورو مٿي وڃي، پهرين ڌڪ هڻڻ مهل چوندا ’الهو‘ وري ٻيو ڌڪ زور سان هڻندا ۽ چوندا ’ٻلهو‘ ۽ ڏڪي پري وڃي پوندي. ڪي هوشيار رانديگر ته ’ٽلهو‘ ، ’چولهو‘ ۽ ’پنجوٽو‘ به هڻندا آهن. پوءِ آڳ وٺندڙ رانديگر گول جي ٻاهران ليڪي جي ڀرسان ڏڪر کڻي بيهندو، هوڏانهن آڳ ڏيندڙن مان هڪ ڇوڪرو ڏڪي گول ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندو، پر آڳ وٺندڙ رانديگر ڪوشش ڪندو ته ڏڪيءَ کي ڌڪ هڻي گول ۾ ڪرڻ کان بچائجي، جي ڏڪي گول ۾ پئجي وئي ته رانديگر کاتو، ورنه تيستائين ’اِلهو ٻلهو‘ هلندو، جيسين ڏڪي جهٽجي يا گول ۾ پئجي وڃي. اهڙي نموني اهو رانديگر کاپندو، وري ٻيو هلندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو